دادو ۾پورهيتن اجرت ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو

dadu villager pro

دادو ۾پورهيتن اجرت ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو .

 پورهيتن  اڪبر ، شبير احمد شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي دادو پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اُس ۾ڌرڻو هنيو.

پورهيتن چيو ته مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي   پر پورهيتن جي اجرت ۾ 10 سالن کان واڌ نه ڪئي وئي آهي.

پورهيتن چيو ته کين 500 رپيا مزدوري ملي ٿي ، جنهن مان هو نه ٻار پڙهائي سگھن ٿا ۽ نه ئي بيمار گهر ڀاتين جو علاج ڪرائي سگهن ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن اجورو وڌائي کين پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*