سنڌ ۾ اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي

cm

سنڌ ۾ اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم کي سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ ۽  نئين مالي سال جي ترقياتي بجيٽ بابت خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم نوازشريف کي نئين مالي سال جي ترقياتي بجيٽ بابت خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقي ۾ لوڊشيڊنگ تمام گهڻي وڌي وئي آهي، رمضان مهينو ويجهو اچي رهيو آهي ان لاءِ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آندو وڃي.

هن چيو ته سنڌ کي بجلي جي رهيل بلن جي خاتمي جو سرٽيفڪيٽ به ملي چڪو آهي، ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪلري  بگاڙ فيڊر جي لائن  ۽  ڪي فور فيز ٽو به تعمير ڪرڻو آهي.

هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ گدلاڻ تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جنهن لاءِ ان مان هڪ واهه به ڪڍڻو آهي.

وڏي وزير چيو ته بجلي  جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ چئني صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. خواجا آصف سان ملاقات ۾ سنڌ اندر بجلي جي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*