سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي پاران 36 پروفيسرن

larkana uni notifiation

سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي پاران 36 پروفيسرن، ايسوسئيٽ پروفيسرن ۽ سينيئر رجسٽرارن جون ترقيون رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن تحت شهيد بينظير ڀٽو ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي جن  پروفيسرز  جون ترقيون رد ڪيون ويون انهن ۾ پروفيسر نذيراحمد شيخ، ڊاڪٽر الطاف احمد شيخ، ڊاڪٽر ارباب علي جوڻيجو، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر غلام حيدر رند ، پروفيسر ڊاڪٽر ڀنسي لال ۽ ٻيا شامل آهن.

  ايسوسيئيٽ پروفيسرز ۾  ڊاڪٽر محمد اسلم، ڊاڪٽر صالح محمد چنا، ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ، ڊاڪٽر ڪلثوم، ڊاڪٽر شاهد حسين ميراڻي، ڊاڪٽر  رشيد احمد پٺاڻ، ڊاڪٽر امام الدين بلوچ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو شامل آهن.

نوٽفڪيشن موجب اسٽنٽ پروفيسرن ۾ ڊاڪٽر عبدالله خلجي، ڊاڪٽر افتخار علي شاهه، ڊاڪٽر طفيل احمد، ڊاڪٽر نوراحمد شيخ، ڊاڪٽر تهمينه مهر، ڊاڪٽر سليم رضا کهاوڙ، ڊاڪٽر ثنا، ڊاڪٽر عمران سميجو، ڊاڪٽر بشريٰ شيخ، ڊاڪٽر شڪيل احمد، ڊاڪٽر عبدالحليم، ڊاڪٽر اظهر علي شاهه شامل آهن.

سينئر رجسٽرار خليل احمد، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار، ڊاڪٽر آصف علي، ڊاڪٽر شعيب النساءَ سومرو، ڊاڪٽر صائمه ارشد، ڊاڪٽر سجاد احمد، ڊاڪٽر عبدالغفور مگسي، ڊاڪٽر واشديو، ڊاڪٽر انيل ڪمار، ڊاڪٽر پرڪاش لال، ڊاڪٽر اعجاز حسين شامل آهن.

ذريعن موجب 36 پروفيسرن، اسستنٽ پروفيسرن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسرن جون ترقيون ختم ڪرڻ سبب شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فيڪلٽي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*