شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان سان واڳيل آهي، جيستائين بلوچ نوجوانن کي گوادر ۾ روزگار نه ملندو تيستائين گوادر پورٽ نه هلي سگهندو

shaikh rasheed

شيخ رشيد چيو آهي ته  پاڪستان جي ترقي  بلوچستان سان واڳيل آهي، جيستائين بلوچ نوجوانن کي گوادر ۾ روزگار نه ملندو تيستائين گوادر پورٽ نه هلي سگهندو.

ڪوئيٽا جي ايوب اسٽيڊم ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته سي پيڪ رٿا مان بلوچستان کي لاڀ ملڻ گهرجي، جيستائين بلوچ نوجوانن کي گوادر ۾ روزگار نه ملندو تيستائين گوادر پورٽ نه هلي سگهندو.

هن چيوته چين سان جو دوست ملڪ آهي، سي پيڪ جي حمايت ڪريون ٿا پر اکيون بند نٿا ڪري سگهون، چين جي دفاعي راهداري نه بڻجنداسين، عالمي قوتن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ٿا چاهيون.

شيخ رشيد چيو ته جندال پاڪستان آيو، نواز شريف غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، ڀارت سان دوستي چاهيون ٿا پر ڪشميرين تي ظلم برداشت نه ڪبو.

هن چيو ته قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي، حڪمران ٻڌائين اهي ڪنهن سان گڏ آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*