ميهڙ ۾ پوليس آرا مشين تي ڇاپو هڻي آنن سان ڀريل ٽرڪ هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب آنا مدي خارج آهن

mehar police anda

 ميهڙ ۾ پوليس آرا مشين تي ڇاپو هڻي آنن سان ڀريل ٽرڪ هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب آنا مدي خارج آهن، شهر جي بيڪرين تي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ آندا ويا هئا.

ميهڙ پوليس نوراني ڪالوني ۾ آرا مشين تي ڇاپو هڻي آنن سان ڀريل ٽرڪ هٿ ڪري سجاد ماڇي، عامر تيوڻو ۽ علي نواز نوناري سميت  5ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس موجب هٿ ڪيل آنا مدي خارج ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جيڪي شهر جي بيڪرين کي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ آندا ويا هئا، اطلاع تي ٽرڪ تي ڇاپو هڻي بيدن جا 2 سئو کوکا هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*