نوابشاهه ويجھو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 گھر ۽ انهن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو

nawabshah home fire

نوابشاهه ويجھو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 گھر ۽ انهن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو،  جڏهن ته هڪ ڄڻو سڙي زخمي ٿي پيو.

سٺ ميل  ويجهو ڳوٺ غلام قادر ڏاهري ۾ چلهه مان باهه لڳڻ سبب  5 گهر، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.

 گهرن کي باهه لڳڻ دوران هڪ ڳوٺاڻو غلام نبي مري سڙي زخمي ٿي پيو.

باهه متاثرن محمد عيسيٰ مري، لال بخش، لال محمد ۽ ٻين وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*