وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت جي پهرين اوليت سستي بجلي جي فراهمي آهي

pm

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت جي پهرين اوليت سستي بجلي جي فراهمي آهي، توانائي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، سي پيڪ تي ڪم تيزي سان جاري آهي.

وزيراعظم نواز شريف قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح سستي بجلي جي فراهمي ڪرڻ آهي، توانائي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، سي پيڪ تي ڪم تيزي سان جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته دنيا ڏٺو ته پاڪستان ترقي لاءِ متحد آهي، حڪومت توانائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته چين ۾ بيلٽ اينڊ روڊ ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ساڻس گڏ هئا، سي پيڪ تي تيزي سان ڪم هلندڙ آهي.

وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ترقي لاءِ اتفاق راءِ سان اڳتي وڌي رهيون آهن .

هن چيو ته پاڪستان جي معيشيت بهتر ٿي آهي، عالمي اقتصادي اداري پاڪستان جي معاشي ترقي کي مڃي رهيا آهن،

هن وڌيڪ چيو ته وفاق سميت صوبن برابري جي بنياد تي ترقي جون ڪوششون جاري آهن، ملڪ ۾ جي ڊي پي گروٿ 5 ڏهاي 28 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي،

نواز شريف چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته توانائي منصوبن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، ايل اين جي، ڪول، هائيڊل، سولر ذريعي توانائي ضروتن کي پورو ڪيو پيو وڃي.

نوازشريف چيو ته حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ صوبائي حڪومت جي حصي ۾ 3 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*