پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته ميزبان ٽيم خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ سمورا رانديگر پراميد آهن

Misbah-30816

پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته ميزبان ٽيم خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ سمورا رانديگر پراميد آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٻئين ٽيسٽ ميچ جي ٻين اننگ ۾ بيٽنگ جي ناڪامي سبب شڪست ملي.

هن چيو ته ٻيئن ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم کي مليل ٽارگيٽ آسان هو پر وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سازگار نه هئي،جنهن سبب بيٽسمين جلدي آئوٽ ٿيا.

مصباح الحق جو وڌيڪ چيو ته سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور محنت ڪئي آهي ۽ بيٽسمينن پنهنجي بيٽنگ جي غلطين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هن چيو ته ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بيٽسمينن کي زميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

واضح رهي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ جاري ٽِيسٽ سيريز هڪ-هڪ ميچ سان برابر آهي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 تاريخ تي کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*