پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان جو چوڻ آهي ته مصباح الحق ۽ يونس خان لاءِ ڪرڪيٽ بورڊ مستقبل جو پلان جوڙي ورتو آهي

Shahriyar-Ali-Pcb-14-1

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان جو چوڻ آهي ته مصباح الحق ۽ يونس خان لاءِ ڪرڪيٽ بورڊ مستقبل جو پلان جوڙي ورتو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته ٻنهي ڪرڪيٽرز خان صلاح مشورو ڪرڻ بعد کين زميواريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته شاهد آفريدي هڪ وڏو ڪرڪيٽر آهي ۽سندس قومي ڪرڪيٽ لاءِ پيش ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين وڌيڪ چيوته قومي ٽيم ٻه ڀيرا قومي ڪرڪيٽ ٽيم سيريز کيڏي چڪي آهي ۽ ٽيون ڀيرو بنگلاديش کيڏڻ لاءِ ٽيم کي نه موڪلينداسين، پر ان هوندي به بنگلاديش جي ٽيم سان سيريز کيڏڻ چاهيون ٿا،جيڪڏهن ته بنگلاديش پاڪستان جي دوري تي ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*