پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ ڀرپور لوڊشيڊنگ ٿيندي، نيپرا کي پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪرڻ گهرجن

abid sher ali

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ ڀرپور لوڊشيڊنگ ٿيندي، نيپرا کي پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪرڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ پاور جنريشن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عابد شير علي چيو ته رمضان المبارڪ ميهني ۾ سحري ۽ افطاري دوران 85 سيڪڙو علائقن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ٿي رهي آهي، جتي چوري ٿي رهي آهي، بجلي جا بل ادا ڪندڙن کي وڌيڪ بجلي ڏني ويندي.

هن چيو ته بجلي پيداوار 22 هزار ميگاواٽ تائين پهتي آهي، ڪوشش آهي ته بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.  لوڊشيدنگ جي جن کي تابوت ۾ بند ڪبو.

هن چيو ته بجلي چوري  کي هٿي وٺرائيندڙ اسيمبلي ميمبرن تي کيس تمام گهڻو افسوس آهي،

پاڻي ۽ بجلي بابت مملڪتي وزير چيو ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو سندن نظر ۾ آهي، جنهن کي هو چڱي ريت ڏسي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته رمضان ۾ 85 سيڪڙو علائقن ۾ سحري، افطاري ۽ تراويح دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي

عابد شير علي چيو ته بجلي جي پيداوار 20 هزار ميگاواٽ تائين پهچائي ويندي، هلندڙ سال تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ 17 هزار 20 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*