پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان شارٽ ڪٽ ذريعي وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو پر سندس وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه آهي

rana sna ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان شارٽ ڪٽ ذريعي وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو پر سندس وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته  سپريم ڪورٽ ذريعي اسان جو جنازو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندڙن جو پنهنجو جنازو نڪتو آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي رويي سان کيس نقصان پهتو آهي، عام چونڊن کانپوءِ شايد عمران خان سياست ۾ نه رهي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته  اپوزيشن جو اهڙو رويو سياست لاءِ نقصانڪار ثابت  ٿيندو.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پنجاب جي ترقي نثا چاهن ۽ اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلو ڪندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*