چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ون بيلٽ روڊ خوشحالي جو عظيم منصوبو آهي

china shan pong

چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ون بيلٽ روڊ خوشحالي جو عظيم منصوبو آهي، اڄ جي دور ۾ ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نٿو ڪري سگهي، ثقافتي رابطن لاءِ عوامي رابطا ضروري آهن.

گول ميز ڪانفرنس جي پهرين سيشن ۾ چيني صدر شي جن پنگ خطاب ڪندي چيو ته سمورا ملڪ پنهنجا تڪرار پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ون بيلٽ روڊ ذريعي ڪيترن ئي منصوبن جي شروعات ٿي چڪي آهي، کين آزاد تجارتي پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته کيس خوش آهي ته ون بيلٽ روڊ جي عالمي برادري واکاڻ ڪئي، ثقافتي رابطن لاءِ عوامي رابطا ضروري آهن.

شي جن پنگ چيو ته عالمي مالياتي بحرانن مان سبق حاصل ڪري سگهجي ٿو، ون بيلٽ روڊ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ امن ۽ استحڪام اڻٽر آهي.

چيني صدر چيو ون بيلٽ روڊ خوشحالي جو عظيم منصوبو آهي، جنهن ۾ ايشيا ۽ يورپ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪو به ملڪ اڪيلي سر ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ون بيلٽ هڪ گڏيل خوشحالي جو منصوبو آهي.

شي جن پنگ چيو ته سهڪار ذريعي چيلنجز کي منهن ڏئي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، شاهراهه ريشم جهڙن منصوبن مان فائدو ورتو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*