آمريڪي سينيٽرن، پينٽاگون کان آمريڪي فوجين پاران ڪيميائي هٿيارن جي تجربن جي نتيجن کان آگاهه ڪرڻ ۽ تفصيلن کي منظر عام تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

american senate

آمريڪي سينيٽرن، پينٽاگون کان آمريڪي فوجين پاران ڪيميائي هٿيارن جي تجربن جي نتيجن کان آگاهه ڪرڻ ۽ تفصيلن کي منظر عام تي آڻڻ جو مطالبو  ڪري ڇڏيو آهي.

ڊيمو ڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن پارٽي سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي سينيٽرن آمريڪي دفاع واري کاتي تي زور ڀريو آهي ته فوجين تي ڪيميائي هٿيارن جي ڪيل تجربن جي نتيجن جا تفصيل پڌرا  ڪياوڃن.

ڪيميائي هٿيارن جا تجربا 1960 ۽ 1970 جي ڏهاڪي ۾ 6 هزار کان وڌيڪ حاضر سروس فوجين تي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته پينٽاگون هميشه ان جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

پر تازو منظر عام تي آيل دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته آمريڪا طرفان ڪيميائي هٿيارن جا تجربا آسٽريليا جي ڪوئنز آءِ لينڊ جي ٻيلن ۾ فوجين تي ڪيا ويا هئا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪا پاران جن فوجين تي ڪيميائي تجربا ڪيا ويا هئا اهي فوجي ان کان بي خبر هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*