تحريڪ انصاف جي اواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته گلو بٽن جو زمانلو هليو ويو، هاڻ ڪو به سپريم ڪورٽ تي حملو نه ٿو ڪري سگهي

babar awan

تحريڪ انصاف جي اواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته  گلو بٽن جو زمانلو هليو ويو، هاڻ ڪو به سپريم ڪورٽ تي حملو نه ٿو ڪري سگهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته گذريل رات ڪجهه ماڻهن ۾ هٿيار، ڏنڊا ۽ پيسا ورهيا ويا آهن، پر هاڻ ڪو به سپريم ڪورٽ تي حملو نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته هاڻ ميڊيا ۽ عدليا آزاد آهي، جيڪڏهن ڪو حملو ڪرڻ آيو ته کيس خبر پئجي ويندي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته  پاڪستان ۾ گلو ليگ ۾  ٻه گرو ٿي چڪا آهن، مريم گروپ نواز گروپ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جا پراڻا ساٿي پوئتي هٽايا ويا آهن.

هن  چيو ته نواز ليگ کي ٻن ججن پهرين ئي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ هڪ به جج کيس نااهل ڪيو ته پوءِ عدالتي طور گو نواز گو جا نعرا لڳي ويندا.

بابر اعواڻ چيو ته جي آءِ ٽِ رپورٽ تي سياسي بيڪ رائونڊ تي اعتراض هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*