جاپان ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو آهي

Japan-Flood-Evacuees-11717

جاپان ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو آهي، جاپاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب لاپتا ٿي ويلن ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.

جاپان جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن، جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.

برسات ۽ ٻوڏ سبب 25 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي حالت ۾  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، جاپان جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ 8 جولاءِ کان شروع ٿيل برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي.

جاپان جي اختيارين موجب، برسات سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪِيوشو ٻِيٽ ٿيو آهي، جتي ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن.

جاپاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ 12 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار، فوج ۽ فائر فائيٽر امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*