جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم قوم سان خطاب ۽ پارليامنٽ ۾ ڪيل تقرير دوران ڪوڙ ڳالهايو

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم قوم سان خطاب ۽ پارليامنٽ ۾ ڪيل تقرير دوران ڪوڙ ڳالهايو، جنهن سان هو صادق ۽ امين ناهي رهيو، سراج الحق چيو آهي ته انقلاب جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، هاڻ نوازشريف کي دنيا جي ڪا به طاقت نه بچائي سگهندي.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف چيو ته نواز شريف قطري خط کي پڙهڻ کانسواءِ درست قرار ڏنو پر جي آءِ ٽي آڏو چيو ته کيس ان حوالي سان ڪجهه ياد ناهي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اهو ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز تي ڪيتري حد تائين عمل ڪري سگهجي ٿو.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرپشن جي نقطي تي سڄي قوم متحد آهي، هاڻ انقلاب جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، نوازشريف کي ڪا به طاقت بچائي نه سگهندي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته جي آءِ ٽي وڏي محنت سان نوازشريف خلاف ثبوت هٿ ڪيا آهن، حڪومت ڪنهن به الزام جو جواب ناهي ڏنو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*