جيتوڻيڪ بالي ووڊ اسٽار ڪترينا ڪيف 16 جولاءِ تي 34 سالن جي ٿيندي پر سندس بيسٽ فرينڊ سلمان خان ان کان اڳ ئي سندس سالگره ملهائيندي نظر آيو

salman celebrate katrina bday

جيتوڻيڪ بالي ووڊ اسٽار ڪترينا ڪيف 16 جولاءِ تي 34 سالن جي ٿيندي پر سندس بيسٽ فرينڊ سلمان خان ان کان اڳ ئي سندس سالگره ملهائيندي نظر آيو، سلو ڀائي جو چوڻ هو ته کيس تاريخون ياد نه رهنديون آهن پر ڪترينا جي سالگره جي تاريخ کيس ياد آهي.

آئيفا ايوارڊ 2017 لاءِ امريڪا جي شهر نيويارڪ پهتل بالي ووڊ اسٽار پهرين پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي سلو ڀائي اسٽيج تي موجود انوپم کير کان پچيو ته ايوارڊز جي تاريخ ڪهڙي آهي، ڇاڪاڻ ته کيس تاريخون ياد نه رهنديون  آهن، پر کيس هڪ تاريخ ڪڏهن به نه وسرندي آهي ۽ اها آهي ڪترينا ڪيف جي سالگره جي تاريخ.

سلمان خان اسٽيج تي موجود ورون ڌون، عاليه ڀٽ، شاهد ڪپور ۽ انوپم کير کي چيو ته اهي ڪيٽ لاءِ هيپي برٿ ڊي سانگ ڳائين.

بالي ووڊ سلطان هونئن ئي ڪترينا تي مهربان رهيو آهي پر رنبير ڪپور سان بريڪ اپ کانپوءِ سلو ڀائي ئي ڪيٽ کي روئڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو ڏنو هو ۽ هاڻي ٻنهي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ويجهڙائي وڌندي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*