خيرپور ۾ بيگم نصرت ڀٽو سيڪريٽريٽ جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

khairpur sepco pro

خيرپور ۾ بيگم نصرت ڀٽو سيڪريٽريٽ جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

گل سهاڳ، نجم الدين ۽ سليم ابڙو جي اڳواڻي ۾ ملازمن بيگم نصرت ڀٽو سيڪريٽريٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سيپڪو عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته هڪ سال گذرڻ باوجود بيگم نصرت ڀٽو سيڪريٽريٽ جو سڙيل ٽرانسفارمر سيپڪو وارن تبديل نه ڪيو آهي، جنهن سان آفيسن جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا سکر جي ڪمشنر، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين عملدارن کي شڪايتون ڪيون ويون آهن پر ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته بيگم نصرت ڀٽو سيڪريٽريٽ جو سڙيل بجلي ٽرانسفارمر جلد تبديل ڪري ملازمن کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*