سرڪاري دوري تي فرانس پهتل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موسمياتي معاهدي بابت آمريڪي موقف ۾ تبديليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي

donald trump and france sadar

سرڪاري دوري تي فرانس پهتل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موسمياتي معاهدي بابت آمريڪي موقف ۾ تبديليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ سرڪاري دوري تي پهتو. جتي سندس ڀرپور نموني آجيان ڪئي وئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدر ميڪرون سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران آمريڪي صدر مومسياتي معاهدي بابت آمريڪي موقف ۾ تبديلي جو اشارو ڏنو.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ دهشتگردي ۽ خاص طور تي شام ۽ عراق ۾ داش خلاف جنگ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي جي معاهدي جي حوالي سان پنهنجو موقف تبديل ڪري سگهي ٿو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو وڌيڪ تفصيل نٿو ٻڌائي سگهي پر پرس معاهدي جي حوالي سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*