سنڌڙي ويجهو بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 9 مينهون مري ويون، مينهن جي مالڪ جو چوڻ آهي

sindhri

سنڌڙي ويجهو  بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 9 مينهون مري ويون، مينهن جي مالڪ جو چوڻ آهي ته حيسڪو عملي جي غفلت سبب سندس 10  لک رپين جون مينهون مري ويون آهن.

 ڦُلھڏيون وٽ ڳوٺاڻي مير حسن جون 9 مينهون بجلي جي 11 هزار وولٽ جي ڪريل تار ۾ وچڙي مري ويون.

مينهن جي مالڪ مير حسن صحافين آڏو دانھيندي چيو ته  بجلي جون 11 هزار وولٽ جون تارون 2 ڏينهن اڳ ڪري پيون، جنهن بابت حيسڪو وارن کي آگاهه ڪيو ويو، پرحيسڪو عملي ڪريل تارون درست ڪرڻ لاءِ ڪو به تِحرڪ نه ورتو، جنهن جي ڪري سندس 10 لک رپين جون مينهون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون.

هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*