سنڌ پوليس ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن

police notification

سنڌ پوليس ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، ڪراچي پوليس جي سربراهه مشتاق مهر کي هٽائي سندس جاءِ تي غلام قادر ٿيٻو کي نئون اي آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي.

سنڌ سرڪار پاران پوليس ۾ اعليٰ سطحي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ غلام قادر ٿيٻوکي ڪراچي پوليس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، سندس بدلي سان چيئرمين اينٽي ڪرپشن جو عهدو خالي ٿي ويو آهي.

مشتاق مهر کي ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ ۽ آفتاب پٺاڻ کي اي آءِ جي ڪرائيم برانچ مقرر ڪيو ويو آهي.

سردار عبدالمجيد دستي کي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس مقرر ڪيو ويو آهي، اي آءِ جي ٽريفڪ خادم ڀٽي کي عهدي تان هٽائي کيس اي آءِ جي پوليس ريسرچ مقرر ڪيو ويو آهي.

مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي سڪيورٽي سنڌ  ۽ عمران يعقوب منهاس کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ  لائسنس  اينڊ ٽريننگ  مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  ڊاڪٽر امير شيخ کي  ٽي اين سي سنڌ مقرر ڪرڻ سان گڏ ڊي آءِ جي ٽريننگ  جي واڌو چارج به ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*