سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪندڙ ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي جي اڍائي لک رپين عيوض پنج ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪندڙ ايس اي سي پي چيئرمين ظفر حجازي جي اڍائي لک رپين عيوض پنج ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اسپيشل جج سينٽرل طاهر چيئرمين ايس اي سي پي جي پنج ڏينهن لاءِ اڍائي لک روپين جي مچلڪن عيوض عبور ضمانت منظور ڪئي.

عدالت ايف آءِ کي هدايت ڪئي ته ظرف حجازي جي گرفتاري روڪي وڃي.

واضح رهي ته 10 جولاءِ تي ٿيل ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته ايس اي سي پي جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي چيئرمين ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان سومر تائين ضمانت ورتي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*