سپريم ڪورٽ پاناما عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي اعتراض واري ڇڏيا

supreme court

سپريم ڪورٽ پاناما عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي اعتراض واري ڇڏيا، جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هو نٿا چاهين ته عدالت ۽ عوام جو وقت ضايع ٿئي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ پاناما ليڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڪارروائي دوران وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي اعتراض واريندي چيو ته جاچ ٽيم مليل مينڊيٽ کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته الزامن اهڙي نوعيت جا هئا جو جاچ ڪرائڻي پئجي وئي،  جي آءِ ٽي ٽرائل نه پئي ڪيو.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته پنهنجي لفظن جي چونڊ احتياط سان ڪيو.

خواجه حارث چيو ته جي آءِ ٽي عدالت جي ڪرڻ وارو ڪم ڪيو،  جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل دستاويزن کي شاهدي قبول نه ٿو ڪري سگهجي.

جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته پنهنجا دليل اشوز تائين محدود رکو، ڇاڪاڻ ته هو چاهين ٿا ته عدالت ۽ عوام جو وقت ضايع نه ٿي.

جسٽس شيخ عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي سيٽلمينٽ جا اصل دستاويز سيل ٿيل آهن.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته کين قانون جي حدن ۾ رهي فيصلو ڪرڻو آهي. شريف خاندان جي بيان جو جائزو شق 161 ضابطا فوجداري تحت ئي وٺي سگهجي ٿو.

عدالت چيو ته شهباز شريف جي آءِ ٽي سامهون شاهد طور پيش ٿيو، شهباز شريف جي بيان پوليس کي ڏنل بيان جيان آهي، سندس بيان تضاد جي نشاندهي لاءِ ئي استعمال ٿي سگهي ٿو.

جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز تي عمل ڇو ڪن، اهو توهان کي ٻڌائڻو آهي، هو جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز جا پابند نه آهن.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هڪ موقعي تي شيخ رشيد ججز کي جناب اسپيڪر سڏيندي مخاطب ٿيو ته عدالت ۾ ٽڪهڙا مچي ويا ۽ ججز به کلڻ لڳا، شيخ رشيد سپريم ڪورٽ کان معذرت ڪندي چيو ته کيس اسيمبلي ۾  ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*