عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته رقمن جي هيرا ڦيري ۾ نوازشريف جو ڪردار واضح ٿي ويو آهي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته رقمن جي هيرا ڦيري ۾ نوازشريف جو ڪردار واضح ٿي ويو آهي، پٽ نوازشريف جا آهن، حميد ڊينٽر جا ناهن، عدالت اثاثا لڪائڻ تي نااهل قرار ڏنل 20 پارليامنٽيرنز جيان نوازشريف کي به سزا ٻڌائي وڃي.

پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران شيخ رشيد پاڻ دليل ڏنا ۽ چيو ته هر ڪيس ۾ ڪو چهرو هوندو آهي، هن ڪيس ۾ نوازشريف جو چهرو آهي.

هن چيو ته نوازشريف هڪ پٽ کي سعودي عرب ۽ ٻئي کي لنڊن ۾ بي نامي رکيو، ٻئي پٽ نوازشريف جا آهن، حميد ڊينٽر جا ناهن.

شيخ رشيد چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ کانپوءِ ڪيس ۾ رهيو ڇا آهي، مريم نواز شريف فليٽس جي بينيفيشل مالڪ ثابت ٿي آهي.

شيخ رشيد چيو ته عدالت 20 پارليامنٽيرنز کي اثاثا لڪائڻ تي سزا ڏئي چڪي آهي، جنهن تي قوم کين سلام ڪري ٿي، هاڻ شريف ڪٽنب کي اهڙي سزا ڏني وڃي جو دنيا ياد رکي.

ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪمران ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهين ٿا، هاڻي سپريم ڪورٽ مان نوازشريف جو سياسي تابوت نڪرندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*