مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليوم ڏهه پڌرو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ناهي

maryam oranzaib

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليوم ڏهه پڌرو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته  سپريم ڪورٽ جو فيصلو ناهي، شريف خاندان تصديق ٿيل دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، اميد آهي ته عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آهي.   سپريم ڪورٽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيندي.

هن چيو ته عدالت سپريم ڪورٽ ۾ شريف خاندان جا تصديق ٿيل ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، غير تصديق ٿيل دستاويزن جي شاهدي ڪير ڏيندو؟

مريم اورنگزيب جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليوم نمبر ڏهه پڌرو ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو ته وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس خاندان هي ڪاروبار کي ڪرپشن سان ڳنڍي نٿو سگهجي.

مملڪتي وزير چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جي زبان مان بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي پر ان باوجود وزيراعظم تي ڪو به الزام نه لڳايو ويو آهي.

مريم اورنگزيب سوال ڪيو ته ڇا آئين ۽ قانون تحت جي آءِ ٽي هن وقت به پنهنجو ڪم جاري رکيو پئي اچي؟

مملڪتي وزير چيو ته شريف خاندان تصديق ٿيل دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، اميد آهي ته عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*