نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ مونجهارو آهي

daniyal aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ مونجهارو آهي، جنهن ۾ ڪا به حتمي راءِ شامل نه آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ موجود ثبوت پهرين ڏينهن کان ردي جي ٽوڪري قرار ڏنا پئي ويا ۽ هاڻ جج به بار بار دستاويزن جي تصديق تي سوال اٿاري رهيا آهن.

دانيال عزيز چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڪا به حتمي راءِ نه آهي، رپورٽ ۾ صرف مونجهاروآهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته رپورٽ ۾ حقيقتن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ موسٽ لائيڪلي جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جي آءِ ٽي جاچ دوران نه پڇيو ته نيسڪول ڪمپني جو مال ڪير آهي ۽ 2004ع جا دستاويز به ثابت ناهن ٿيا پر 2006ع جي تصديق ٿي وئي آهي.

دانيال عزيز چيو ته سوال اٿاريا پيا وڃن ته هي دستاويز قانوني شهادت لاءِ ڪم ايندا ۽ انهن کي ڪاغذن کي شهادت طور استعمال  به ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*