وومن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي وومن ٽيم لنڊن کان دئبي رستي لاهور پهچي وئي آهي

pakistan women cricket team

وومن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي وومن ٽيم لنڊن کان  دئبي رستي لاهور پهچي وئي آهي، جتي صرف رانديگرياڻين جا گهر ڀاتي موجود هئا.

انگلينڊ ۾ جاري وومن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ قومي وومن ٽيم واحد ٽيم آهي، جنهن کي ڪابه ڪاميابي نصيب نه ٿي.

قومي ٽيم کي گروپ ۾ شامل سمورين ٽيمن هٿان شڪست نصيب ٿي.

قومي وومن ڪرڪيٽ ٽيم کي گروپ ۾ شامل انگلينڊ، آسٽريليا، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ سري لنڪن ٽيم ميچز ۾ شڪست ڏني.

اڄ قومي ٽيم لنڊن کان دبئي رستي لاهور پهچي وئي، جتي رانديگرياڻين جا گهر ڀاتي موجود هئا.

قومي وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي بعد چيئرمين پي سي بي شهريارخان چيو ته کيس ٽيم جي بري پرفامنس تي مايوسي ٿي آهي ۽ جلد ملڪ ۾ وومن ڪرڪيٽرز جو ٽئنلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*