پاناما ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جمع ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ اڄ پهرين ٻڌڻي ڪري رهي آهي

panama

پاناما ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جمع ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ اڄ پهرين ٻڌڻي ڪري رهي آهي، عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهن، نواز ليگ جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ اڄ پاناما ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ڌرين کي اڳ ۾ ئي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن.

ٻڌڻيءَ دوران ڌرين جا وڪيل دليل ڏيندا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڌرين جي وڪيلن کي اڳ ۾ ڏنل دليل نه ورجائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جي آءِ ٽي 60 ڏينهن اندر جاچ مڪمل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا 10 جلدن تي ٻڌل آهي، جن مان 9 جلد پڌرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عدالت  جلد نمبر 10 کي ڳجهو رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.

جي آءِ ٽي رپورٽ موجب وزير اعظم جا اثاثا ان جي آمدني کان وڌيڪ آهن، ان ڪري سندس خلاف ريفرنس نيب ڏانهن موڪليو وڃي.

امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، نواز ليگ اڄ جي آءِ ٽي رپورٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي.

ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ عدالت ويندا، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*