پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

Lahore-High-Court-81116

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

عمران خان پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي به ڌر بڻايو آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شهباز شريف عوامي عهدو رکڻ سان گڏ ذاتي ڪاروبار به ڪري پيو ۽ هن پنهنجي ڀاءُ نواز شريف کي 6 ارب رپين جا تحفا ڏنا آهن پر سندس ڪنهن به مني ٽريل ۾ ان جو ذڪر نه آهي.

درخواست ۾ عمران خان جي آءِ ٽي رپورٽ جو به حوالو ڏنو ۽ موقف اختيار ڪيو ته شريف خاندان جا اثاثا آمدني سان هڪجهڙائي نٿا رکن، جڏهن ته شهباز شريف خاندان جي شگر ملز لاءِ به اثر رسوخ استعمال ڪيو آهي.

درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته عوامي عهدي تي رهي ڪاروبار ڪرڻ ۽ عهدي جو غلط استعمال ڪرڻ تي شهباز شريف کي وڏ وزارت تان هٽايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*