پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي. پاڪستان طرفان پاڪ فوج جي چئن فوجي جوانن جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي

loc-191116

پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي. پاڪستان طرفان پاڪ فوج جي چئن فوجي جوانن جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائن تي رابطو ٿيو.

ڊي جي ايم او پاڪستان چيو آهي ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

پاڪستان چيو آهي ته پاڪ فوج ڪنهن به اڳرائي جي ڀرپرو جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.

ڊي جي ايم او چيو ته ڀارتي فوج پاران پاڪ فوج جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ ۽ 4 فوجي اهلڪارن جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، گذريل ڏينهن ڀارتي فوج پاڪ فوج جي گاڏي کي نشانو بڻايو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 فوجي درياهه نيلن ۾ ٻڏي ويا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*