پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪمران خاندان تي فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن

aitzaz

پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪمران خاندان تي فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته حڪمرانن کي حاضر ڪرائي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ايس 114 تي پيپلز پارٽي اميدوار سعيد غني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري معاملي جي ٻڌڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته 1999ع ۾ نواز شريف ٻن ججن تي دٻاءُ وڌو هو.

هن چيو ته ظفر حجازي پاناما ڪيس ۾ رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي، ظفر حجازي جيڪڏهن ضمانتون ڪرائيندو رهندو ته اصل ڪيس ته نواز شريف تي ٺهي ٿو، نواز شريف جي چوڻ تي هن رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي.

اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سعيد غني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ سان پي ايس 114 جو عوام نمائندگي کان محروم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*