پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ملڪ ۾ بادشاهه بڻيل آهي ۽ ڪرمنل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيل شهزاديءَ کي پوليس سلام ڪري رهي آهي

imran khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ملڪ ۾ بادشاهه بڻيل آهي ۽ ڪرمنل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيل شهزاديءَ کي پوليس سلام ڪري رهي آهي.

چترال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندڙ هر ماڻهو ٻاهر اچي منهنجي تعريف ڪندو آهي.

هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته موٽر سائيڪل تي گهمندڙ اسحاق ڊار جا پٽ ارب پتي ڪئين ٿي ويا آهن؟

عمران خان چيو ته اڄ مريم نواز کي ڪرمنل ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو، ڏسڻ وٽان هو ته ڪيئن هڪ شهزادي پيش ٿي رهي هئي ۽ پوليس اهلڪار کيس سليوٽ ڪري رهيا هئا.

هن چيو ته حسن نواز ۽ حسين نواز چون ٿا ته اسان کي جي آءِ ٽي ۾ ڇو گهرايو ويو؟ اوهان ٻڌايو ته شاگرد هوندي اوهان ارب پتي ڪيئن بڻيا؟

هن چيو ته سپريم ڪورٽ پنجن مان ٻن ججز چئي ڇڏيو هو ته نوازشريف صادق ۽ امين ناهي.

عمران خان چيو ته جيستائين ادارن ۾ ميرٽ ۽ انصاف نه هوندو، نتيجا اهڙا ئي نڪرندا.

ان کان اڳ ٽوئٽ ڪندي عمران خان چيو ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۾ جمهوريت گهرجي يا بادشاهت.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*