پي ٽي آءِ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ

fawad chodhry

پي ٽي آءِ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ، آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ڪارروائي ۽ شريف ڪٽنب خلاف ريفرينس نيب کي اماڻڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، فواد چوڌري چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته شريف ڪٽنب عدالت سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ جعلي دستاويز پيش ڪيا، عدالت مريم نواز کي 10 سال نااهلي ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران نعيم بخاري جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نعيم بخاري عدالت کي پي ٽي آءِ پاران 3 استدعائون ڪيون آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پهرين استدعا آهي ته نااهلي کان اڳ نوازشريف کي عدالت ۾ طلب ڪري کانئس آڏي پڇا جي اجازت ڏني وڃي.

فواد چوڌري چيو ته سندن ٻي استدعا آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڪارروائي جڏهن ته ٽين استدعا شريف ڪٽنب خلاف ريفريننس نيب کي اماڻڻ جي آهي.

هن چيو ته نوازشريف مٿان الزام آهي ته هن ڪاري ناڻي مان آف شور ڪمپنيز ٺاهيون، جنهن جي مالڪياڻي مريم نواز آهي ۽ نوازشريف جو مالي معاملن سان سڌي ريت تعلق آهي، هن اسڪينڊل ۾ پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار ناهي.

فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سان ثابت ٿي ويو ته شريف ڪٽنب سپريم ڪورٽ سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ جعلي دستاويز پيش ڪيا، جنهن ۾ ڪرمنل ڪارروائي هلندي.

هن چيو ته عدالت مريم نواز کي 10 سال نااهلي ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*