ڪي پي جي علائقي پشاور ۾ ايف سي جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ميجر سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن

peshawar dhamako

ڪي پي جي علائقي پشاور ۾ ايف سي جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ميجر سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

حيات آباد ۾ ايف سي جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ميجر سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته چئن اهلڪارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته زخمين کي حيات آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، ايف سي جي گشت دوران گاڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ميجر جمال شيروان شهيد ۽ 4 اهلڪار  زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار ايف سي جي گاڏي کي نشانو بڻايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*