قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به عدليا تي حملو ناهي ڪيو

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به عدليا تي حملو ناهي ڪيو، اسان 1977ع کان عدليا کي منهن ڏئي رهيا آهيون ملڪ ۾ ڪوبه سياسي بحران ناهي، پر هڪ پارٽي اندر بحران آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ اندر ڪو به سياسي بحران نه آهي پر هڪ پارٽي اندر بحران پيدا ٿي ويو آهي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي 1977کان عدليا کي منهن ڏئي رهي آهي،  ان باجود ڪڏهن به عدليا تي حملو نه ڪيو آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي اڳ ئي چيو هو ته پارليامينٽ ٽي او آر ٺاهي، جنهن جي نيب مٿان سپريم ڪورٽ نگراني ڪندي.

خورشيد شاهه چيو ته نيب کي پنهنجو فيصلو جلدي ڏيڻو آهي، نيب چيئرمين جي مقرري آڪٽوبر تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*