فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن چئن بسن کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي خلاف ٽرانسپورٽرن هڙتال ڪئي

faislabad

فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن چئن بسن کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي خلاف ٽرانسپورٽرن هڙتال ڪئي،گاڏيون نه هلڻ ڪري مختلف اسٽاپن تي هزارين مسافر پريشان رهيا، جڏهن ته پوليس احتجاج ڪندڙ 250 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ٽرانسپورٽرن پاران هڙتال ڪرڻ سبب لاهور، رحيميارخان ۽ صادق آباد سميت ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏيون نه هلڻ ڪري هزارين مسافر اسٽاپن تي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 گذريل ڏينهن بس جي ٽڪر ۾ هڪ شاگرد فوت ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ مڇريل ماڻهن پنج بسن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

بسون ساڙڻ واري واقعي خلاف اڄ فيصل آباد ۾ ٽرانسپورٽرن هڙتال ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ لاهور، رحيميارخان ۽ صادق آباد سميت ٻين شهرن ڏانهن گاڏيون نه هلڻ ڪري هزارين مسافر پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پوليس گذريل ڏينهن احتجاج ڪندڙ 250 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*