ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار مفتي عبدالقوي جي حالت ۾ بهتر ٿي وئي آهي

mufti qavi 1-8-16

ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار مفتي عبدالقوي جي حالت ۾ بهتر ٿي وئي آهي، ڊاڪٽرز دل جي تپاس ۽ رپورٽس بعد کيس صحت مند قرار ڏئي ڇڏيو.

گذريل رات مفتي قوي کي دل ۾ تڪليف سبب ملتان جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

ڊاڪٽرن مفتي عبدالقوي جي تپاس ڪرڻ بعد چيو ته کيس ڪجهه به نه ٿيو آهي، هو ٺيڪ آهي، کيس دل جو دورو نه پيو هو.

ڊاڪٽرن چيو ته مفتي عبدالقوي جي رپورٽ صحيح آهن، هاڻ هو مڪمل طور صحتمند آهي.

واضح رهي ته مفتي عبدالقوي کي گذريل ڏينهن عدالت 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*