پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز شريف کي نون ليگ جي قيادت ٽيڪ اوور ڪرڻ وارا مشورا غلط آهن، نوازشريف اسان جو قائد آهي

rana sana ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز شريف کي نون ليگ جي قيادت ٽيڪ اوور ڪرڻ وارا مشورا غلط آهن، نوازشريف اسان جو قائد آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  راڻا ثناءُ الله چيو ته 40 ايم اين ايز جي گروپ واري ڳالهه به رڳو افواهه آهي، نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو ته پارٽي ان جو حل به ڪڍيو.

هن چيو ته فرد جرم لاڳو ته ٿي ويو هاڻ ان کي ثابت ڪرڻ باقي آهي، هاڻ ڏسڻو اهي ته ڪهڙي قسم جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا.

هن چيو ته ٽيڪ اوور واريون ڳالهيون غلط آهن، نوازشريف اسان جو قائد هيو ۽ قائد آهي.

پنجاب جي قانون وزير چيو ڀلي اسان کي سزا ڏني وڃي پر پهرين اهو ٻڌايو وڃي ته هي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو پيو وڃي.

راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز شريف کي نون ليگ جي قيادت ٽيڪ اوور ڪرڻ وارا مشورا غلط آهن، نوازشريف اسان جو قائد آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*