پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سيڪورٽي فورسز، رينجرز ۽ پوليس جي ڌار ڌار ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو

ISPR-17217

پنجاب  ۽ بلوچستان ۾ سيڪورٽي فورسز، رينجرز  ۽ پوليس جي  ڌار ڌار ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ، جڏهن ته 26 دهشتگردن ۽ سندن  سهولتڪارن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ردالفساد سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي سان جاري آهي، مستونگ واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ 7دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر موجب پنجاب جي  لاهور، اٽڪ ۽ ڊي جي خان ۾ رينجرز، پوليس ۽ ڳجهن ادارن پاران گڏيل ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران  19دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*