اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ريفرنس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ishaq dar

اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ريفرنس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

     احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت جوابدار جي ضامن کان پڇيو ته اسحاق ڊار ڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿيندو.

جوابدار جي ضامن عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسحاق ڊار جي مڪمل صحتيابي ۾ 3 کان 6 هفتا لڳي سگهن ٿا.

جج محمد بشير رمارڪس ۾ چيو ته ڇا 3 هفتا گذري نه ويا آهن، 6 نومبر تي موڪليل ميڊيڪل رپورٽ ۾ 3 کان 6 هفتج جو ذڪر ڪيل آهي.

احتساب عدالت اسحاق ڊار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ريفرنس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*