اسلام آباد جي احتساب عدالت حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري نيب درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

hassan or hussain

اسلام آباد جي احتساب عدالت  حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري نيب درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، نيب حسين نواز جي چئن بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل جمع ڪرايا آهن.

نيب جي جاچ آفيسر محمد ڪامران احتساب عدالت ۾ فليگ شپ ريفرنس بابت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي.

جاچ آفيسر محمد ڪامران عدالت کي آگاهه ڪيو ته حسين نواز جي چئني اڪائونٽس جا تفصيل ملي ويا آهن.

جاچ آفيسر چيو ته حسين نواز جي هڪ اڪائونٽ ۾ 3 هزار 992 ڊالر ۽ ٻئي اڪائونٽ ۾ 4 هزار 272 يورو موجود آهن.

هن چيو ته حسين نواز جي ٽئين اڪائونٽ ۾ 207 ڏهائي53 پائونڊز ۽ چوٿين اڪائونٽ ۾ 3 لک 82 هزار 381 روپيا موجود آهن.

نيب جي جاچ آفيسر چيو ته ايل ڊي اي ۽ ڊي ايڇ اي ۾ حسن ۽ حسين نواز جي ڪا به ملڪيت ناهي، ان حوالي سان ڊي سي لاهور ۽ بحريه ٽائون انتظاميه جي جواب جو انتظار آهي.

جاچ آفيسر چيو ته پرڏيهي کاتي ذريعي جوابدارن جي طلبي لاءِ اشتهار لنڊن به موڪليا ويا آهن.

نيب جي جاچ آفيسر وڌيڪ چيو ته حسن ۽ حسين نواز ڄاڻي واڻي روپوش ٿي ويا آهن، سڀئي قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، تنهن ڪري کين اشتهاري قرار ڏنو وڃي.

عدالت جاچ آفيسر جي بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*