اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي 4 ڪيسن ۾ ٻن – ٻن لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي

imran khan atc pesh

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي 4 ڪيسن ۾ ٻن – ٻن لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پيش ٿيو،عدالت عمران خان جي 4 ڪيسن ۾ ٻن – ٻن لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾عمران خان تي پي ٽي وي سينٽر، پارليامينٽ ۽ ايس ايس پي عصمت الله تي حملي سميت 4 ڪيس هلي رهيا آهن.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پر امن احتجاج ڪرڻ تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

عمران خان چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ تي منهنجي خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته نيب ۾ نالو اچڻ تي اسحاق ڊار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، سڀ کان وڌيڪ مني لانڊرنگ اسحاق ڊار ڪئي آهي.

 عمران خان چيو ته ملڪ جو وڏو مسئلو مني لانڊرنگ آهي، هر سال هزار ارب روپين جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي.

بابر اعواڻ چيو ته عمران خان تي سڀ ڪيس ڪوڙا آهن، هاڻي پي ٽي آءِ جو ڪير به رستو روڪي نه ٿو سگهي، حڪمران جلدي طور پاڪستان جي جان ڇڏي ڏين.

هن چيو ته ن ليگ جو ڪو به صدر ناهي، حڪومت ناڻي واري وزارت جي چاٻي ڀڳوڙي کي ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*