اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2017 کي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪندي سڀني ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن

Islamabad High Court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2017 کي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪندي سڀني ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

چونڊ سڌارن بل ذريعي ختم نبوت شقن ۾ ترميم خلاف درخواست جي ٻڌڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي سنگل بئنچ ڪئي.

مولانا الله وصي جي وڪيل حافظ عرفات دليلن ۾ چيو ته ختم نبوت بابت سڀني شقن ۽ قسم نامي کي جلد معطل ڪري اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي.

 عدالت اليڪشن ايڪٽ 2017 کي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪندي سڀني ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*