اسلام آباد ۾ فيض آباد انٽر چينج تي لڳل ڌرڻو ختم ڪرائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي اسلام آباد هائيڪورٽ

islamabad protest

اسلام آباد ۾ فيض آباد انٽر چينج تي لڳل ڌرڻو ختم ڪرائڻ واري حڪم تي عمل  نه ٿيڻ تي اسلام آباد هائيڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، وفاقي گهرو وزير هڪ ڀيرو ٻيهر 48 ڪلاڪن دوران ڌرڻو ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ لاءِ اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته، عدالت کان ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت گهريو آهي، اميد آهي ته ڌرڻي وارن کي سمجهائي وٺنداسين.

اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ  فيض آباد انٽر چينج تي لڳل ڌرڻو ختم ڪرائڻ واري حڪم تي عمل  نه ٿيڻ تي اسلام آباد هائيڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس شوڪت عزيز صديقي عدالت ۾ پيش ٿيل احسن اقبال کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان وڃي پارليامينٽ ۾ خوبصورت تقرير ڪيو، جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته عدالت جي ڪنهن به حڪم تي عمل نه ٿيندو.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال هڪ ڀيرو ٻيهر 48 ڪلاڪن دوران ڌرڻو ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ لاءِ اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته، عدالت کان ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت گهريو آهي، اميد آهي ته ڌرڻي وارن کي سمجهائي وٺنداسين.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته اڄ عدالت مون کي ۽ گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪيو، جنهن دوران اسان عدالت کي پنهنجي ڪوششن کان آگاهه ڪيو آهي.

احسن اقبال چيو ته طاقت جي استعمال سان رتو ڇاڻ جو خدشو آهي، ڌرڻي وارن خلاف آپريشن آخري آپشن هوندو.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته عدالت کي درخواست ڪئي ته حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت ڏنو آهي.

اڄ 3 وڳي عالمن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، اميد آهي ته ايندڙ 24يا 48ڪلاڪن ۾ معاملي جو حل ڪڍيو ويندو.

احسن اقبال جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ختم نبوت جو قانون پهريان کان وڌيڪ محفوظ آهي، سازشي چاهين ٿا ته لال مسجد ۽ ماڊل ٽائون جهڙو ماحول ٿئي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته ملڪ جون حالتون ڪنهن به ٽڪراءَ جي اجازت نٿيون ڏين، ختم نبوت تي سوديبازي ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*