امريڪن فلم فيسٽيول دوران فلمساز جيمس فرانڪو بدترين فلم کي ٻيهر نئين انداز سان پيش ڪيو

film festival disaster movie

امريڪن فلم فيسٽيول دوران فلمساز جيمس فرانڪو بدترين فلم کي ٻيهر نئين انداز سان پيش ڪيو.

جيمز فرانڪو ۽ سندس ڀاءُ ڊيوَ فرانڪو جي “دي ڊزاسٽر آرٽسٽ” جو اي ايف آءِ فلم فيسٽيول ۾  پريميئر ڪيو ويو، هي 2003ع ۾ رليز ٿيل فلم “دي روم” جي پراڊڪشن جي ڪهاڻي تي ٻڌل مزاحيه فلم آهي.

“دي ڊزاسٽر آرٽسٽ” ۾ ٻنهي ڀائرن  “دي روم”  ۾ ڪم ڪندڙ پڳ مٽ يارن ٽامي ويسيو ۽ گريگ سيسٽيرو جو ڪردار نڀايو آهي، جيڪي هالي ووڊ ۾ مايوس ٿيڻ بعد پنهنجي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪن ٿا.

ڊيو فرانڪو جو چوڻ هو ته هنن ڪڏهن به “دي روم” يا ان جي ڪردار ٽامي جو مذاق اڏائڻ نه چاهيو آهي پر نئين فلم ذريعي هو ٽامي جو جشن ملهائي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*