امريڪي صدر پنهنجي اتر ڪوريائي هم منصب ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو آهي، ٻئي طرف کيس بِندرو به قرار ڏئي ڇڏيو آهي

trump and kim jong

امريڪي صدر پنهنجي اتر ڪوريائي هم منصب ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو آهي، ٻئي طرف کيس بِندرو به قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪم جونگ  ڊونلڊ ٽرمپ کي چريو پوڙهو چيو هو.

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ وچ ۾ هڪٻئي تي ذاتي حملن واري لفظي جنگ جاري آهي.

تازو ڪيل ٽوئيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڍڪيل لفظن ۾ کيس بندرو ۽ ٿلهو چيو آهي، ڊونلد ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڪم جونگ مون کي پوڙهو چئي منهنجي بيعزتي ڇو ڪندو.؟ مان ڪڏهن به کيس بندرو ۽ ٿلهو نه چوندس.ان موقعي تي هن اترڪوريا جي صدر ڏانهن دوستي جو هٿ به وڌايو آهي، ٽوئيٽ ۾ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مان ڪم جونگ سان دوستي ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪندو آهيان، شايد هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي وڃان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*