ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف ڪيس اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي کان دهشتگردي ونگ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو

Court-Order-21317

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف ڪيس اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي کان دهشتگردي ونگ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب سڪيورٽي سببن ڪري الطاف حسين خلاف ڪيس اسلام آباد جي دهشتگردي ونگ منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ايف آءِ اي جي ڊي جي بشير ميمڻ ڪيس منتقل ڪرڻ بابت حڪم جاري ڪيا، جنهن کان پوءِ ڪيس بابت دستاويز پڻ دهشتگردي ونگ کي فراهم ڪيا ويا آهن.

دهشتگردي ونگ خدمت خلق فائونڊيشن ذريعي پئسا الطاف حسين جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيڻ بابت ٽيرر فناسنگ بابت پڻ جائزو وٺندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ڪراچي جي ڪجهه آفيسرن سڪيورٽي خدشن سبب ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، تنهن ڪري ڪيس اسلام آباد جي دهشتگردي ونگ کي منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*