بلوچستان جي علائقي تربت ۾ قتل ڪيل ۵ نوجوان جا مڙهه پي آءِ اي ذريعي ڪراچي مان لاهور پهچايا ويا

Turbat-29716

بلوچستان جي علائقي تربت ۾ قتل ڪيل ۵ نوجوان جا مڙهه پي آءِ اي ذريعي ڪراچي مان لاهور پهچايا ويا، جتان کين اباڻي ڳوٺ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

تربت ۾ قتل ڪيل نوجوانن جا مڙهه پي آءِ اي جي اڏام وسيلي ڪراچي مان لاهور پهچايا ويا.

 علامه اقبال ايئرپورٽ تي مقتولن جي وارثن ۽ سي سي پي او لاهور مڙهه وصول ڪيا، ان موقعي تي دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا، مڙهه سندن اباڻي ڳوٺ ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن.

گجرات سان تعلق رکندڙ پنج ئي نوجوان گهرا دوست هئا، جيڪي روشن مستقبل جو سپنو سجائي غيرقانوني طريقي سان يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

دانش، قاسم، ثاقب ۽ عثمان قادر هڪ ئي ڳوٺ کوڙي رسول پور ۾ رهندا هئا، جڏهن ته سندن پنجون دوست بدر منير جلالپور جٽان جو رهواسي هو، پنجن ئي دوستن جي هڪ سيلفي به سامهون آئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*