تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسحاق ڊار کي شريف خاندان جي مني لانڊرنگ جا راز پڌرا ٿيڻ جي خوف کان نه پيو هٽايو وڃي

Imran-Khan-10317

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسحاق ڊار کي شريف خاندان جي مني لانڊرنگ جا راز پڌرا ٿيڻ جي خوف کان نه پيو هٽايو وڃي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف جو گُڏو آهي.

هن چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته وزيراعم شاهد خاقان عباسي قانون کان ڀڳل شخص کي عهدي تان نه ٿو هٽائي سگهي.

سندس چوڻ هو ته شريف خاندان جي دٻاءَ سبب ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي نه پيو هٽايو وڃي، ڇو ته شريف مافيا کي اسحاق ڊار طرفان مني لانڊرنگ جي وڌيڪ انڪشافن جو خوف آهي.

عمران خان چيو ته اسحاق ڊار ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جهڙن ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي، هو پهريون به نواز شريف خلاف مني لانڊرنگ جا انڪشاف ڪري چڪو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*