جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪنهن حادثي کان بچڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مفاهمت وارو دڳ وٺڻ گهرجي

molana

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪنهن حادثي کان بچڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مفاهمت وارو دڳ وٺڻ گهرجي، پرڏيهي پاليسيون ناڪام ٿي چڪيو آهن ۽ ملڪ جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

      اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 16 سالن کان آمريڪين جي مفاد کي ڏسي رهيا آهيون ۽ ملڪ اندر داخلي يڪجهتي کان محروم آهيون.

         جي يو آءِ سربراهه چيو ته چونڊون وقت تي ٿين ۽ مفاهمت جي بنياد تي سياست کي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ان لاءِ  ضروري آهي ته سياسي ماڻهو هڪٻئي کي ٻڌن.

   مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشميرين جو جيڪو حق گڏيل قومن تسليم ڪيو اهو ڀارت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اسان جيڪي پاليسيون جوڙيون آهن، اهي غلط ثابت ٿيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*